اي ٽي شهاڻي

اي ٽي شھاڻي: مشھور لغت نويس ديوان آنندرام ولد ديوان ٿڌومل شھاڻي جو جنم 1876ع ۾ حيدرآباد جي مشھور شھاڻي ڪٽنب ۾ ٿيو. هي ’اي. ٽي شھاڻيءَ‘ جي نالي سان مشھور آهي. هن سنڌي، انگريزي، فارسي، گجراتي، مراٺي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪيتريون لغتون تيار ڪري ڇپايون. هي صاحب انگريز ملٽري آفيسرن کي سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ ٻيون ٻوليون سيکاريندو هو. کانئس ٻوليون سکندڙن ۾ سر پرسيول رين به هو، جنھن (Wren & Martin’s English Grammar & Composition) نالي ڪتاب اسڪولي شاگردن لاءِ تيار ڪيو هو.ٻيو ميجر جنرل ايڇ.اي.ڪئنڊن هو، جنھن فارسي، بلوچي، هندي ۽ پشتو ٻوليون، ديوان آنندرام کان سکيون هيون. مسز لارينس، جيڪا سنڌ جي ڪمشنر، سر هينري لارينس جي گهر واري هئي ۽ ٻيا يورپي آفيسر ديوان کان سنڌي ۽ ٻيون ٻوليون سکيا. ٻوليون سيکارڻ جو ڪم ديوان صاحب 1897ع کان شروع ڪيو. جو برصغير جي ورهاڱي تائين جاري رکيائين. اي. ٽي شھاڻيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) Sindhi Self Instructor, (2) Hindi Self Instructor, (3) Gujrati Self Instructor, (4) Marathi Self Instructor, (5) Sindhi English Teacher, (6) Marathi English Teacher, (7) English-Sindhi Dictionary, (8) Hindi-English Dictionary, (9) Sindhi-English Dictionary, (10) Persian-English Dictionary, (11) English-Urdu Dictionary, (12) Hindi Primer. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ هو هندستان لڏي ويو ۽ 1949ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو